نيويارڪ: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. ڪنهن به بلاڪ جو حصو نٿا بنجڻ چاهيون، ڀارت سان به ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون.
نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونيٽي سان خطاب ۾ هن چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي کي صرف بيانن کان اڳيان وڌڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. فلسطين ۽ ڪشمير پراڻا تڪرار آهن انهن جو حل عالمي امن جي لاءِ ضروري آهي.
اسحاق ڊار چيو ته او آءِ سي دنيا جي ٻئي وڏي تنظيم آهي انهي جو ڪردار هاڻ علامتي نه پر فيصلو ڪندڙ هجڻ گهرجي. 2 رياستي حل ئي فلسطين جي مسئلي جو واحد پائيدار حل آهي. فلسطينين جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي فراهمي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان امن چاهي ٿو، دعوت ملي ته ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون، ڪشمير جي مسئلي جو حل خطي ۾ ترقي، سياحت ۽ سرمائيڪاري جا دروازا کولي سگهي ٿو. اسحاق ڊار چيو ته سلامتي ڪونسل ۾ گڏيل قرارداد 2788 پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي، آمريڪا ٽياڪڙي ڪري ته پاڪستان تيار آهي، پر ڀارت جي رضامندي ضروري آهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو. ڪنهن به بلاڪ جو حصو نٿا بنجڻ چاهيون.
نائب وزيراعظم چيو ته آمريڪا جيڪڏهن ڪشمير تي عملي ڪردار ادا ڪيو ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، صدر ٽرمپ جو پاڪستان جو دورو خوشي جوڳو هوندو، رسمي اعلان ٻئي ملڪ گڏجي ڪندا. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان لشڪر طيبه کي پهريان ئي ختم ڪري ڇڏيو، ٽي آر ايف جي خلاف شاهديون آمريڪا فراهم ناهن ڪيون. پاڪستان دهشتگردي جو سڀني کان وڏو شڪار رهيو، 80 هزار حياتيون ۽ 152 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪيو.
هن چيو ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. تمام جلد ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي، ٻئي پرڏيهي وزير رابطي ۾ آهن، پاڪستان ۽ عرب دنيا جا لاڳاپا تاريخي، مضبوط ۽ هر شعبي ۾ گهرا آهن.
انهي کان علاوه اسحاق ڊار عرب ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارت سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون، ڀارت کان مسلسل منفي بيان سامهون اچي رهيا آهن، خطي جي سمورن ملڪن سان امن چاهيون ٿا، جن ملڪن فلسطين کي ناهي مڃيو انهن کي قدم کڻڻا پوندا.