اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين مندر جي اڏاوت خلاف 2 درخواستون اُڪلائي ڇڏيون

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گادي واري شهر ۾ نئين مندر جي اڏاوت خلاف 2 درخواستون اُڪلائي ڇڏيون، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته مندر جي اڏاوت لاءِ اڃا ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، سي ڊي اي کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ جو به انتظار ڪيو وڃي، جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته ٿي سگهي ٿو سي ڊي اي وارا مندر جي الاٽمينٽ رد ڪري ڇڏين، فيصلي ۾ لکيل آهي ته قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ عدالت سان ٻيهر رابطو ڪري سگهجي ٿو، درخواستگذار اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ ۽ سي ڊي اي جي فيصلي مان مطمئن نه ٿئي ته ٻيهر عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔