اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني سان ڀينرن سميت ٻين جي ملاقات ۽ ذاتي معالج تائين پهچ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تائين اسلام آباد جي الشفا اسپتال منتقل ڪرڻ جڏهن ته عظميٰ خان ۽ ذاتي معالج ڊاڪٽر فيصل سلطان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ پارلياماني سيڪريٽري شاهد خٽڪ اسپتال جي ٻاهران سياسي سرگرمي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو.جسٽس شاهد وحيد پڇاڻو ڪيو ته اسپتال ۾ علاج جو خرچ ڪير برداشت ڪندو؟ وڪيل عزيز بهنڊاري جواب ڏنو ته اسپتال ۾ علاج جو خرچ اسان پاڻ برداشت ڪنداسين سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته اسپتال جي ٻاهران ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرمي نه ڪئي وڃي.
جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته اسپتال ۾ ٻيا به مريض هوندا آهن، اسپتال جا ٻيا مريض متاثر نه ٿيڻ گهرجن. اسپتال جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون يا پريس ڪانفرنس نه ڪئي وڃي، اسپتال جي ٻاهران سياست نه ڪريو. سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان جي سياست مڪمل طور تي الڳ رهندي. جسٽس نعيم اختر افغان هدايت ڪئي ته عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ کي مڪمل طور تي ڳجهو رکيو وڃي. جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان يقين ڏياريون ٿا ته ميڊيڪل رپورٽ مڪمل طور تي ڳجهي رهندي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان آرڊر جي مخالفت ڪندي چيو ته اسان کي ڪوبه نوٽيس جاري ناهي ڪيو ويو، باني کي فوري طور تي اسپتال منتقل نٿو ڪري سگهجي. عدالت سڳوري ريمارڪس ڏنا ته باني جي صحت کي نظر ۾ رکندي ميڊيڪل سهولت سندس بنيادي حق آهي، جنهن کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
تبصرے بند ہیں۔