اسلام آباد: وفاقي وزير پارلياماني معاملا طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي صحت جي ذميواري حڪومت جي هئي، آهي ۽ رهندي.
صحافين سان ڳالهيون ڪندي طارق فضل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني جي صحت جي لاءِ اسان به دعاگو آهيون. پي ٽي آءِ جي اپيل کان سواءِ ئي باني کي بهترين صحت جون سهولتون ڏنيون ويون، مون کي خوشي ٿي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر عدليه جي تعريف ڪري رهيا آهن پر اهو عجيب رويو آهي جڏهن جج اوهان جي حق ۾ فيصلو ڏين ته عدليه سٺي ٿي ويندي آهي، جڏهن فيصلو اوهان جي خلاف اچي ته عدليه تي الزام لڳايا ويندا آهن، پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي ۽ ميرٽ تي فيصلا ڪري رهي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي صحت جي ذميواري حڪومت جي هئي، آهي ۽ رهندي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ کي يقين ٿي ويو آهي ته عدالتون انصاف ڪري رهيون آهن، سڀني کي ماضي ۾ آزاد عدالتون مليون. عدالتون ئي واحد چينل آهن جنهن مان آزادي جو ڪو رستو بڻجي ٿو. وزيراعظم وٽ ايگزيڪٽو اختيار ناهي ته عدالتي فيصلن جي ابتڙ ڳالهيون ڪري.
هڪ سوال جي جواب ۾ طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته اپوزيشن اڳواڻ جو تعلق پي ٽي آءِ سان نه آهي پر انهي کي باني جو ڀروسو حاصل آهي اسان واضح چيو ته اپوزيشن قيادت کي پي ٽي آءِ جو ڀروسو حاصل هجڻ گهرجي اهو نه ٿيڻ گهرجي ته اسان جيڪا ڳالهه ڪريون انهي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ بيان بازي ڪري رهيا هجن، اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ وزيراعظم اپوزيشن اڳواڻ جي خط جو جواب ڏيندو. خط جي جواب کان پوءِ گڏيل ملاقات جي لاءِ جڳهه مقرر ڪئي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔