سُپريم ڪورٽ طرفان ريلوي ۾ هڪ لک ڀرتيون ڪرڻ واري شيخ رشيد جي بيان تي حيرت جو اظهار

اسلام آباد : سُپريم ڪورٽ طرفان ريلوي ۾ هڪ لک ڀرتيون ڪرڻ واري شيخ رشيد جي بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو آهي، ريلوي کاتي ۾ ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته ريلوي وٽ اڳ ئي 77 هزار ملازم آهن، شيخ رشيد هڪ لک ملازمن کي ڪٿي ڀرتي ڪندو؟، چيف جسٽس سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته چين کان ايم ايل ون لاءِ ملندڙ پئسو هڪ لک ملازم ئي کڻي ويندا، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته دُنيا ۾ بلٽ ٽرين هلي رهي آهي، هتي ريلوي ٽريڪ کي ماڻهن لاءِ ڊيٿ ٽريڪ بڻايو ويو آهي، حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ريلوي ۾ بهتر ناهي اچي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔