اسلام آباد: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي.
تفصيل موجب محمد اورنگزيب واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ واشنگٽن ڊي سي روانو ٿي ويو آهي جتي امڪان آهي ته پهرين آگسٽ 2025 جي ڊيڊ لائن کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي متفقه ٽيرف تي صحيحون ٿي سگهن ٿيون.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم آفيس ۾ هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن کان پوءِ کيس هدايت ڏني وئي آهي ته هو واشنگٽن روانو ٿئي ته جيئن امڪاني ڊيڊ لائن کان اڳ آمريڪا سان واپاري معاهدو طئي ٿي سگهي. ياد رهي ته آمريڪا سان واپاري معاهدو ڪرڻ جي اها ڊيڊ لائن ٽرمپ انتظاميه طرفان ڏني وئي آهي.
پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ واپاري معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي فائدو ٿيندو، پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا اهم جز آهي، آمريڪا پاڪستان جوس ڀني کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ٻطرفي واپار کي روايتي وغير روايتي شعبن تائين وڌائڻ چاهي ٿو. آءِ ٽي، معدنيات، زراعت ۾ ڀائيواري جا وڏا موقعا موجود آهن ناڻي واري وزير جو دورو واپاري لاڳاپا مضبوط بنائڻ جي ڪڙي آهي.