رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڇو نه ڪيو ويو؟ پوليس جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: آمريڪي شهري سنٿيا ڊي رچي جي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان  ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست تي پوليس پنهنجو جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي عدالت ۾ آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي جي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج جاويد اقبال سپرائي ڪئي جنهن جي دوران ايس پي ڪمپلينٽس طرفان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو. ٻڌڻي دوران پوليس طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته 2011 ۾ سنٿيا جي طرفان زيادتي جي رپورٽ ايمبيسي يا ٿاڻي ۾ داخل ناهي ڪرائي وئي.

سيڪريٽريٽ ٿاڻي رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ تي موقف اختيار ڪيو  آهي ته سنٿيا رچي جي رپورٽ ۾ ڌمڪين جي نوعيت ۽ ثبوت به پيش ناهن ڪيا ويا. پوليس جي لکت واري جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2011 ۾ سنٿيا جي طرفان زيادتي جي رپورٽ ايمبيسي يا ٿاڻي ۾ داخل ناهي ڪرائي وئي. ايس پي ڪمپلينٽس جي لکت واري جواب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سنٿيا ڌمڪي واري فون ڪالز جا نمبر به پوليس وٽ جمع ناهن ڪرايا.

مڪمل تفصيل نه ڏيڻ سبب ڪيس داخل نٿا ڪري سگهون. هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي وڪيل به عدالت ۾ ميمو جمع ڪرائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ ايڊيشنل سيشن جج جاويد اقبال سپرا ڪيس جي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔