مشهور هالي ووڊ اداڪار جوني ڊيپ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي زال تي تشدد جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس : مشهور هالي ووڊ اداڪار جوني ڊيپ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي زال 34 سالن جي اداڪارا امبر هرڊ تي تشدد جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سندس خلاف منصوبابندي تحت الزام لڳايا ويا ۽ امبر هرڊ ايجنڊا تحت ساڻس شادي ڪئي. جوني ڊيپ 7 جولاءِ تي لنڊن جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جتي هن مشهور برطانوي اخبار دي سن خلاف ڪوڙو مضمون شايع ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ٽرائل جي شروعات تي جوني ڊيپ ۽ امبر هرڊ سميت اخبار جي وڪيلن شرڪت ڪئي ۽ ان دوران جوني ڊيپ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. بيان رڪارڊ ڪرائيندي هن واضح ڪيوته هن ڪڏهن به اڳوڻي زال امبر هرڊ تي تشدد ناهي ڪيو پر هو سندس تشدد جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. عدالت ۾ جوني ڊيپ اعتراف ڪيو ته هو شراب سميت مختلف قسم جي منشيات استعمال ڪري ٿو ۽ کيس اها عادت 11 سالن جي عمر کان آهي ۽ نشي جي عادت جو عورتن تي تشدد سان ڪو واسطو ناهي. جوني ڊيپ موجب جو نشو ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ نٿو رهي نه ئي سندس طرفان ڪنهن تي نشي جي حالت ۾ تشدد ڪرڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. ٻڌڻي دوران اخبار جي وڪيلن به جوني ڊيپ کان جرح ڪئي ۽ هن اخبار جي مضمون کي به ڪوڙو قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔