ضلعي خيرپور ۾ کجيءَ جو فصل پچي تيار

گمبٽ: ضلعي خيرپور ۾ کجيءَ جو فصل پچي تيار ٿي ويو، کجين جا ڏنگ ۽ لوڻي کارڪون مارڪيٽ ۾ پهچي ويون آهن. ماڻهو ڏنگ شوق سان کائڻ لڳا آهن. ڏنگ وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هن وقت کجيءَ جو فصل تيار ٿي ويو آهي. هن وقت ڏيڍي کجيءَ جو مٺو ڏوڪو، ساوڙي جا ڏنگ ۽ لوڻي کارڪون مارڪيٽ اچي ويون آهن، جيڪي روزاني حساب سان ماڻهو شوق سان خريد ڪري کائين ٿا ۽ گھر لاءِ وٺي وڃن ٿا. هن وقت ڏنگ مارڪيٽ ۾اچڻ کان پوءِ ماڻهو ڏنگ خريد ڪري دوستن کي به گفٽ ڪن ٿا. ان کان علاوه ٻين پري وارن شهرن ۾ رهندڙ عزيزن قريبن ۽ دوستن ڏانهن موڪليندا آهن. گهر ۾ کائڻ لاءِ ڏنگ پهرين ترجيح هوندي آهي. ان کان علاوه پري وارن شهرن ۾ رهندڙ عزيزن قريبن ۽ دوستن ڏانهن نئين مند جون کارڪون موڪلڻ جي روايت سالن کان هلندي پئي اچي. ان سلسلي ۾ کارڪن جي تحفي طور ڏي وٺ شروع ٿي وئي آهي. ڏنگ مارڪيٽ ۾ هن وقت 150 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿئي ٿو. جڏهن ته لوڻي کارڪ 100 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي. هن وقت ڏيڍي کجي، مٺڙي ۽ ساوڙي کجيءَ جو ڏوڪو به مارڪيٽ اچي چڪو آهي، جيڪو تمام گھڻو وڪرو ٿئي. سنڌ ۾ ڏيڍي، مٺڙي، اصيل، ڪربلائڻ سميت کجين جا مختلف قسم موجود آهن پر خيرپور ۾ ضلعي ۾ واپاري اصيل کجي جي تمام گھڻي پوکائي ڪن ٿا، جنهن مان اپت به سٺي ٿيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔