اسلام آباد: آڊٽ عملدارن خميس ڏينهن پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (پي اي سي) جي ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين نااهلي، بجلي چوري ۽ ٽرانسميشن لائينن ۾ ٿيندڙ نقصان لڪائڻ لاءِ 47 ارب رپين جي اوور بلنگ واري اسڪينڊل ۾ ملوث رهيون.
پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي غلط ميٽر ريڊنگ سبب ٿيندڙ اوور بلنگ واري معاملي جو جائزو ورتو. آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) اڪيلي سر 45 ارب رپين جي اوور بلنگ ڪئي، جڏهن ته پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) صارفين کان هڪ ارب 56 ڪروڙ رپين جا اضافي بل وصول ڪيا.
پاور ڊويزن جي سيڪريٽري موجب، هڪ ئي مهيني دوران 2 لک 78 هزار 649 صارفين کي مجموعي طور 47 ارب رپين جا وڌايل بجلي بل جاري ڪيا ويا. هن چيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سمارٽ ميٽر ۽ ٽرانسفارمر بنياد تي ميٽرنگ جو نظام لڳايو پيو وڃي، ۽ انهن جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اوور بلنگ بابت ڪا به شڪايت سامهون ناهي آئي.
آڊٽ عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته اوور بلنگ جا ذميوار ڊسڪوز جا هيٺين درجي جا ميٽر ريڊر ملازم هئا، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پنهنجي صوابديد جا حد کان وڌيڪ اختيار هئا. انهن چيو ته بجلي چوري ۽ لائين لاسز لڪائڻ لاءِ باقاعدي بل ڀريندڙ صارفين تي ڄاڻي واڻي وڌيڪ بل وڌا ويندا هئا، جڏهن ته واپسي (ريفنڊ) صرف انهن صارفين کي ڏني ويندي هئي، جيڪي باقاعدي شڪايت داخل ڪرائيندا هئا.
پي اي سي جي ميمبرن اهو به نوٽ ڪيو ته بجلي ڪمپنين صرف هڪ مهيني دوران صارفين کي 90 ڪروڙ 40 لک بجلي يونٽن جا اضافي بل جاري ڪيا. سينيٽر افنان الله ملوث ملازمن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهي انگ اکر رڳو انهن ڪيسن جا آهن، جيڪي پڪڙ ۾ آيا آهن. هن چيو، “اسان کي خبر ئي ناهي ته هر مهيني ڪيترا صارف اوور بلنگ جو شڪار ٿين ٿا.”
هن وڌيڪ چيو، “جيڪڏهن 20 هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙ ڪنهن ماڻهو کي هڪ لک رپين جو بجلي بل ملي وڃي ته اهو کيس بجلي چوري ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.” هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو، “ماڻهو پنهنجي ڌيئرن جي شادين لاءِ بچايل سون وڪڻي صرف بجلي جا بل ادا ڪري رهيا آهن.”
پاور ڊويزن جي سيڪريٽري جي بيان تي ڪميٽي جي ميمبر سليم منڊوي والا چيو، “اهو چوڻ اوهان لاءِ آسان آهي، پر ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته صارفين کي اهي وڌايل بل ڀرڻ لاءِ قرض وٺڻو پيو؟ اسان گذريل ويهن سالن کان ٻڌندا پيا اچون ته سمارٽ ميٽر لڳايا ويندا.”
ليسڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر دعويٰ ڪئي ته ڪمپني جي سروس ايريا ۾ هاڻي اوور بلنگ مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته رينجرز جي سهڪار سان بجلي چوري ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (XEN) ۽ ست سب ڊويزنل آفيسرن (SDOs) کي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي.
ذيلي ڪميٽي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (هيسڪو) بابت هڪ آڊٽ رپورٽ جو به جائزو ورتو، جنهن موجب جعلي (گهوسٽ) ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پگهارون جاري ڪري هڪ ارب 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جو غبن ڪيو ويو. آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو ته هن فراڊ ۾ ڊرائنگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسر (DDO)، هڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (XEN) ۽ چيف فنانشل آفيسر (CFO) جي آفيس جي وچ ۾ ملي ڀڳت شامل هئي.
تبصرے بند ہیں۔