قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي گوڙ،ميمبرن جا هڪ ٻئي تي الزام

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي گوڙ، برسات دوران ڪرنٽ سبب فوتگين جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرارڏنو ويو، اجلاس ۾ خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي عوام کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي اضافي گئس ڏينداسين، گئس مان ٻه سئو ميگا واٽ بجلي ٺهندي، ڪراچي ۾ ڪرنٽ سبب فوتگين جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، ڪراچي ۾ بارش بعد پاڻي بيهڻ سبب فوتگيون ٿيون، پاڻي ڪڍڻ جي مشينري بجلي نه پر ڊيزل سان هلندي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سبب پاڻي بيهڻ تي حادثن جي ذميوارن خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪري، برسات کانپوءِ پاڻي بيهڻ جو ذميوار ڪير آهي، شهر ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينري بجلي نه پر ڊيزل تي هلندي آهي. ڪراچي ۾ نيڪالي جو نظام تباهه بڻيل آهي. عمر ايوب کي جواب ڏيندي شازيه مري چيو ته هتي مسئلن جو حل ڳولڻ ايندا آهيون، سنڌ جي انرجي واري وزير نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ کي ڏنڊ جي لاءِ خط لکيو هو، سنڌ حڪومت جو هڪ نمائندو ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ ناهي، جيڪي ٽي ميمبر آهن انهن جو تعلق وفاق سان آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اوهان سياسي ڳالهيون ڪري رهيون آهيو، سوال ڪريو، راجا پرويز اشرف هن کي سمجهايو، شازيه مري جو چوڻ هو ته ڇا سمهايو وڃي ته آئون سياست ڇڏي ڏيان. منهنجو سوال آهي ته ڪيترن ڏينهن ۾ ڪراچي کي هن اذيت مان ڪڍيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔