فلم مان ڪڍڻ تي روئي پيو هئس: جاويد شيخ

ڪراچي:پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار جاويد شيخ پنهنجي ڪيريئر جي هڪ ڏکي دور کي ياد ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ فلم مان کيس ڪڍي سندس جڳهه اداڪار فيصل رحمان کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو، جنهن تي هو سخت دلبرداشتو ٿي پيو هو. هڪ نجي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي جاويد شيخ ٻڌايو ته هڪ فلم جي ناڪامي کانپوءِ کيس هڪ نئين فلم ۾ مرڪزي ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي ۽ هو ان تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار هو. هن چيو ته بعد ۾ فلم سازن کيس فون ڪري ٻڌايو ته فلم جي ڊسٽريبيوٽر جو موقف آهي ته هو ان وقت فلاپ اداڪار بڻجي چڪو آهي، ان ڪري سندس جڳهه فيصل رحمان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جاويد شيخ جو چوڻ هو ته ان فيصلي کيس سخت صدمو پهچايو ۽ هو ان واقعي تي روئي پيو هو، تنهن هوندي به ان کانپوءِ کيس ڪيترن ئي سالن تائين سخت جدوجهد ڪرڻي پئي. مسلسل محنت ۽ لڳن جي ڪري هو ٻيهر ڪاميابي جي بلندين تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بعد ۾ اهي ئي فلم ساز ٻيهر وٽس فلم جي آڇ کڻي آيا، پر هن دل ۾ ڪا به رنجش نه رکي ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ سندن سان ڪم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. جاويد شيخ جو چوڻ هو ته زندگي ۾ لاهو چاڙهو ايندا رهندا آهن، پر محنت، صبر ۽ مثبت رويو ئي انسان کي ٻيهر ڪاميابي جي راهه تي گامزن ڪندو آهي.

تبصرے بند ہیں۔