رحمت شاهه افغانستان ون ڊي ۽ ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر

ڪابل :افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ رحمت شاهه کي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيمن جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، رحمان الله گرباز کي نائيب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. مڊل آرڊر بيٽر رحمت شاهه کي حشمت الله شاهدي جي ڪپتاني تان هٿ کڻڻ کانپوءِ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن 55 ون ڊي ميچن ۾ افغانستان ٽيم جي قيادت ڪئي هئي. رحمت شاهه 2021ع کان نائيب ڪپتان طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته رحمت شاهه جي بطور ڪپتان پهرين اسائينمينٽ آئرلينڊ خلاف سيريز هوندي. رحمت شاهه 2013ع ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي هئي ۽ هو افغانستان جي طرفان 128 ون ڊي ۽ 12 ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪو آهي.

تبصرے بند ہیں۔