پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اٽارني جنرل پاڪستان کان ڪميشن جا نالا طلب ڪري ورتا آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽروليم بحران جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ وزيراعظم جو سيڪريٽري، اٽارني جنرل ۽ اوگرا جو چيئرپرسن عدالت ۾ پيش ٿيا. اٽارني جنرل پاڪستان  پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جي تجويز ڏني. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ قاسم خان چيو ته اٽارني جنرل طرفان ڪميشن جا نالا بهتر نه ڏنا ته عدالت نالو تجويز ڪندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري رڪارڊ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سخت ڪارروائي ٿيندي. جنهن کان پوءِ  چيف جسٽس چيو ته پيٽروليم بحران جي معاملي تي ائين لڳي ٿو ته ڪجهه وڏا به شامل آهن.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي چيو ويو هو ته اسپيڪر کان پڇي ٻڌايو ته هو ڪميٽي ٺاهي رهيو آهي يا نه؟ اوهان کي چيو ويو هو ته ان حوالي سان واضح پاليسي کڻي اچو. اوهان ٻڌايو ته بحران پيدا ڪندڙن جي خلاف اوهان ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي چيو ته اوهان جي حڪم تي  مان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي سامهون معاملو رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  جنهن کان پوءِ چيف جسٽس پرنسپل سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو. پيٽروليم بحران تي ڪڏهن ڪارروائي شروع ٿيندي؟ بحران جو معاملو وزيراعظم جي علم ۾ ڪڏهن آندو ويندو.؟ عدالت چيو ته پرنسپل سيڪريٽري جي  لکت واري جواب ۾ لفظن جي هير ڦير لڳي رهي آهي. جيستائين بحران جا ذميوار پڪڙيا نه ويندا تيستائين بحران تي قابو نٿا ڪري سگهون. ظاهري لڳي ٿو ته آئل مافيا فائدو کڻي  پيٽرول شارٽ ڪيو. عدالت گذريل ٻڌڻي تي حڪومت کان پڇاڻو ڪيو هو ته حڪومت مستقبل ۾ اهڙي بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ اوگرا جي خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ چيف جسٽس  ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پيٽرول جي کوٽ ٿي وئي ته فوجين جي گاڏين کي پيٽرول ڪيئن ملندو.؟  اتآرني جنرل تجويزن تي ٻڌل رپورٽ چيف جسٽس کي پيش ڪندي چيو ته منهنجي ذاتي تجويز عدالت جي سامهون آهي جيڪڏهن عدالت ان ۾ هيٺ مٿانهين ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿي.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ اٽارني جنرل پاڪستان کان نالا طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس چيو ته مون کي ڪميشن ۾ مضبوط ماڻهو گهرجن. جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري رڪارڊ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔