وزيراعظم عمران خان آئسوليشن ۽ وبائي مرضن جي علاج لاءِ جديد اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان آئسوليشن ۽ وبائي مرضن جي علاج لاءِ جديد اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال کي 40 ڏينهن ۾ تيار ڪيو ويو.

وزيراعظم عمران خان کي آئسوليشن اسپتال بابت بريفنگ به ڏني وئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيني سفير، وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر ۽ ٻيا به موجود هئا. آئسوليشن اسپتال جي تعمير کان پوءِ اسلام آباد جي اسپتالن ۾ مريضن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته مختصر وقت ۾ جديد اسپتال تيار ڪرڻ تعريف جوڳو قدم آهي. وڌيڪ ماڻهو جمع ٿيڻ سان وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو. وبا جي پکيڙ گهٽ ٿي رهي آهي. الله تعاليٰ ڪرم ڪيو.

وزيراعظم عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو عيد تي ايس او پيز تي عمل ڪري، عوام لاپرواهي نه ڪري، عيد سادگي سان ملهائي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان گذريل عيد تي به لاپرواهي ڪئي جنهن سبب وائرس تيزي سان پکڙجيو. قوم کي اپيل آهي ته اهو نه ٿئي جيڪو اسان گذريل عيد تي ڪيو.

قرباني بابت ايس او پيز ٺاهي آهي قوم کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا متاثر ماڻهن جو انگ لاڳيتو گهٽ ٿي رهيو آهي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ سان پاڪستان ۾ هن وبا سبب فوتگيون گهٽ ٿيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔