موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف ڏاکڻي علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته مٿانهين پنجاب، خيبرپختونخواهه، اسلام آباد، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ اڄ به برسات پوندي، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص ۽ مٺي ۾ به تيز هوائن سان برسات جا امڪان آهن. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ڪٿي تيز ته وري ڪٿي هلڪي برسات پئي. موسميات کاتي موجب سڀني کان وڌيڪ برسات سرجاني ۾ 30 ملي ميٽر ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 23 ملي ميٽر، پي اي ايف مسرور بيس 10 ملي ميٽر، پي اي ايف فيصل بيس 8، ناظم آباد ۾ 6.4، صدر ۾ 6 ملي ميٽر، برسات رڪارڊ ڪئي وئي. برسات پوندي ئي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، کوکرا پار، ڪورنگي ۽ ضيا ڪالوني ۾ بجلي بند ٿي وئي. گلشن حديد، لياقت آباد ۽ اسڪيم 33 جا ڪيترائي علائقا به بجلي کان محروم ٿي ويا. برسات کان پوءِ گلشن حديد، سرجاني، نارٿ ڪراچي، ناظم آباد ۽ صدر جي علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو. برسات کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي جي ورهاست واري نظام جواب ڏئي ڇڏيو.

شهر ۾ موسم بهتر ٿيڻ کان پوءِ بجلي جي طلب 3 هزار کان گهٽ ٿي 2800 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. بجلي جي طلب ۽ رسد جو فرق 200 ميگاواٽ رهڻ جي باوجود بجلي جي فراهمي جي صورتحال ۾ بهتري ناهي اچي سگهي. پنجاب صوبي جي مختلف ڌاکڻي علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو.

نارووال، سيالڪوٽ، گجرات، گوجرانوالا، لاهور، سرگودها، فيصل آباد، اٽڪ، جهلم،. چڪوال، راولپنڊي، مري ۽ ٽيڪسلا ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه جي مٿانهين ضلعن ۾ موسم جزوي جهڙالو رهندو. پر دير، بونير، سوات، شانگله، ڪوهستان، هريپور، مانسهره، ايبٽ آباد، ڪرم، ڪوهاٽ، پشاور، مردان ۽ چارسده ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔