ٻارڙي اغوا ڪيس: سرفراز بگٽي جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ 9 ساله ٻارڙي جي اغوا بابت ڪيس ۾ اڳوڻي بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي جي  عبوري ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

جسٽس مظهر عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 9 ساله ٻارڙي جي اغوا بابت ڪيس ۾ اڳوڻي بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سرفراز بگٽي جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ درخواست ڪئي ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين عبوري ضمانت ڏني. ضمانت نه ملي ته پريشاني ٿي ويندي. جسٽس قاضي امين پنهنجي ريمارڪس ڏنا ته ضمانت ٺهي ته ڏينداسين.

سرفراز بگٽي کي 6 مهينن کان ڪنهن به گرفتار ناهي ڪيو. هاڻ سرفراز بگٽي کي ڪير گرفتار ڪندو. وڪيل صاحب اوهان سمجهي سگهو ٿا. اسان ڇا چئي رهيا آهيو.

جسٽس مظهر عالم ريمارڪس ڏنا ته سرفراز بگٽي بااثر شخص آهي. ڪوشش ڪريو ته معصوم ٻار ملي وڃي.  واضح رهي ته سينيٽر سرفراز بگٽي جي خلاف ڪوئٽه جي بجلي گهر پوليس اسٽيشن ۾ ياسمين اختر نالي عورت جي درخواست تي ڪيس داخل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔