ملڪ ۾ تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب بند ڪيل تعليمي ادارا پوري ملڪ ۾ 15 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود پريس ڪانفرنس دوران پوري ملڪ ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو، پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سيپٽمبر جي پهرين هفتي صحت جي معاملي تي مشاورت ٿيندي، تعليمي ادارا ايس او پيز تحت کوليا ويندا، اسڪولن ۾ ايس او پيز متعلق مختلف تجويزن تي غور ٿي رهيو آهي، صحت جا معاملا سهي نه ٿيا ته اسڪول نه کوليا ويندا، تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي فيصلي تي وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي، شفقت محمود وڌيڪ چيو ته فيصلو ٿيو آهي ته مختلف تعليمي ادارن کي انتظامي آفيسون پهريان کولڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسڪول کولڻ بابت صوبن کان تجويز گهريون ويون آهن، سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ نظرثاني اجلاس گهرايو ويندو، اجلاس ۾ ٻيهر صحت جي انڊيڪيٽرز کي نظر ۾ رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔