ملڪ ۾ برساتن سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 279 ٿي ويو

اسلام آباد: تازو سانوڻي جي برسات سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هنيئر تائين فوتين جو انگ 279 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 8 ڄڻا فوت، 21 زخمي ٿيا، پنجاب ۾ 6، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ شهري فوت ٿي ويو.

اين ڊي ايم اي موجب برساتن سبب زخمي ٿيل 21 ڄڻن جو تعلق پنجاب سان آهي. اين ڊي ايم اي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برسات سبب هينئر تائين فوت ٿي ويلن جو انگ 279 ٿي ويو جڏهن ته 676 زخمي به ٿيا آهن.

اين ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ برسات سبب 151 ڄڻا فوت، 536 زخمي ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب 64 ڄڻا فوت، 80 زخمي، سنڌ ۾ 25 ڄڻا فوت، 40 زخمي، بلوچستان ۾ برسات سبب 20 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

انهي کان علاوه گلگت بلتستان  ۾ برساتن سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي، آزاد ڪشمير ۾ 2 ڄڻا فوت، 10 زخمي ٿيا جڏهن ته اسلام آباد ۾ 8 ڄڻا فوت، 3 زخمي ٿيا.

اين ڊي ايم اي موجب 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 362 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 7 چوپايو مال مري ويو. برساتن سبب هينئر تائين گڏيل طور تي 1553 گهرن کي پڻ نقصان پهتو آهي جڏهن ته 374 چوپايو مال به مري ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔