ڪراچي: سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري جي وڏي ڪارروائي، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي: سي ٽي ڊي(ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ) ۽ حساس اداري جي گڏيل آپريشن دوران منگهو پير جي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن جي دوران دهشتگردن سان سخت مقابلو ٿيو، پوليس اختيارين موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.

سي ٽي ڊي جي ڊي ايس پي راجه عمر خطاب سول اسپتال جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ آپگهاتي حملي آور به شامل هو. هن وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ زعفران ۽ ٻئي جي قدرت الله جي نالي سان ٿي آهي

راجه عمر خطاب موجب حڪومت زعفران تي 2 ڪروڙ روپين جو انعام رکيو هو ۽ انهي دهشتگرد جو گذريل سال چائينيز تي حملو ڪرڻ جو به رڪارڊ موجود آهي. آپريشن جي دوران دهشتگردن کان گرنيڊ، آپگهاتي جيڪٽس ۽ هڪ ڊائري به هٿ آئي آهي جنهن مان ٽارگٽيڊ ماڻهن جا نالا لکيل هئا.

سي ٽي ڊي اختيارين اهو به ٻڌايو ته دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) سان هو ۽ انهن جو حدف ملڪ ۾ دهشتگردي جي نئين لهر کي وڌائڻ هو. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر ۾ موجود سمورا دهشتگرد مارجي چڪا آهن، هاڻ جوابدارن جي گهر جي مالڪ جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔