الزام بي بنياد آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان هڪ روپيو به ناهي ڪمايو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي: اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل حڪومتي ميمبرن جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهي ته سامهون آڻي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان هڪ روپيو به ناهي ڪمايو.

پريس ڪانفرنس ڪندي عوام پاڪستان پارٽي جي سينئر اڳواڻ مفتاح اسماعيل پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏيندي واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته اهي قوم جي سامهون پيش ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ معافي گهري وڃي يا عدالت ۾ اهي ڳالهيون ڪيون وڃن.

مفتاح اسماعيل چيو ته جنهن منصوبي ۾ منهنجو نالو ورتو پيو وڃي مون کي انهي جي باري ۾ ڪابه خبر نه هئي، اهو معاملو 2019ع جو آهي، جڏهن مان جيل ۾ هئس، بي آءِ ايس پي گڏجاڻي 2019 ۾ ٿي، جنهن ۾ طئي ٿيو ته هر سال 10 ضلعن ۾ پروگرام شروع ڪيو ويندو.

هن چيو ته اسان صرف ورلڊ فوڊ پروگرام کي سامان وڪرو ڪندا آهيون، بي آءِ ايس پي کان ڪڏهن به هڪ روپيو به ناهي ڪمايو. مسلم ليگ(ن) جي 2 سينيٽرن ۽ طارق فضل چوڌري منهنجي مٿان ڪوڙا الزام لڳايا آهن، طارق فضل چوڌري معافي گهري يا عدالت ۾ ثبوت پيش ڪري.

اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته جيڪڏهن مان غلط آهيان ته اسحاق ڊار ۽ محمد اورنگزيب به شريڪ ڏوهاري آهن، اهي به انهي حڪومتي فيصلي جو حصو رهيا آهن. وزيراعظم تي سخت تنقيد ڪندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جون 2 شوگر ملون آهن ۽ انهي جو پٽ به شوگرمل جو مالڪ آهي، جڏهن وزيراعظم کنڊ بابت فيصلا ڪندو آهي ته ڇا اهو مفادن جو تڪرار آهي؟  جنهن مهيني ڪريشنگ شروع ٿي هجي، انهي مهيني کنڊ درآمد ڪئي ويندي آهي.

هن چيو ته اسحاق ڊار شوگر ايڊوائزري بورڊ ۾ آهي. ڇا اهو مفادن جو ٽڪراءُ نه آهي؟ ۽ ڇا اهو سڀ ڪجهه انوشه رحمان کي نظر نٿو اچي. شهباز شريف جي دور ۾ کنڊ برآمد به ڪئي وئي ۽ عوام کي مهانگي به ملي. هي سڀ انهي لاءِ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ڇو ته مان انهن جي باري ۾ سچ ڳالهائيندو آهيان، کنڊ ڄاڻي واڻي برآمد ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔