نئين دهلي : انتها پسند مودي سرڪار کي پهلگام حملي لاءِ پنهنجي ئي ملڪ مان جواب ملي ويو، اڳوڻي هندستاني گهرو وزير پي چدمبرم پاڪستان کي ڪلين چِٽ ڏئي ڇڏي،هندستاني ميڊيا موجب، پارليامينٽ ۾ آپريشن سندور تي بحث کان اڳ سينئر ڪانگريس اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير پي چدمبرم جي هڪ انٽرويو ۾ ڏنل بيان سياسي هلچل مچائي ڇڏي، پي چدمبرم، دي ڪوئنٽ سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته پهلگام حملي ۾ ملڪي دهشتگرد به ملوث ٿي سگهن ٿا. هن سوال ڪيو ته حڪومت وٽ ڪهڙا ثبوت آهن ته حملي آور پاڪستان کان آيا هئا. هن سوال ڪيو “ڇا قومي جاچ ايجنسي (اين آءِ اي) حملي آورن جي سڃاڻپ ڪئي؟، اهي ڪٿان آيا؟، اهي شايد ملڪ جي اندر کان آيا هجن، اهو ڇو سمجهيو وڃي ٿو ته اهي پاڪستان کان آيا هئا؟ ان جو ڪو به ثبوت ناهي، هن حڪومت تي آپريشن سنڌور دوران ٿيل نقصان کي لڪائڻ جو الزام پڻ لڳايو، چدمبرم چيو جنگ ۾ ٻنهي پاسن کان نقصان ٿيا آهن، جيڪڏهن هندستان کي نقصان ٿيو آهي ته پوءِ ان کي تسليم ڪريو، چرچل ٻي عالمي جنگ دوران صورتحال بابت عوام کي به باخبر رکيو، چدمبرم سوال ڪيو ته وزيراعظم مودي پارليامينٽ ۾ هن اهم مسئلي کي سڌو سنئون ڇو نه ڳالهائي، هن چيو وزيراعظم ريلين ۾ ڳالهائيندو آهي، پر پارليامينٽ جهڙي جمهوري اداري ۾ خاموش آهي، حڪومت جنگ بندي جي عمل بابت ڳالهائڻ کان ڇو ڊڄي ٿي؟، ڇاڪاڻ ته سچ اهو آهي ته جنگ بندي جو اعلان هندستان نه پر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيو هو، بي جي پي چدمبرم جي بيان تي سخت تنقيد ڪئي آهي، ان کي پاڪستان کي ڪلين چِٽ قرار ڏنو آهي.