ڪراچي ۾ کنڊ جي هول سيل ۽ پرچون قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي : ڪمشنر ڪراچي شهر ۾ کنڊ جي نئين قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي.ڪمشنر ڪراچي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ شهر ۾ کنڊ جي ٿوڪ قيمت 170 رپيا ۽ پرچون قيمت 173 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.ڪمشنر ڪراچي چيو ته ٿوڪ وڪرو ڪندڙ، پرچون فروش ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور هن نوٽيفڪيشن تي سختي سان عمل ڪن.هن چيو ته وڌيڪ قيمت تي کنڊ وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔