اسلام آباد : نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شهرين لاءِ هڪ نئين سهولت متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.نادرا پاران جاري ڪيل هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ تي نادرا سروس سينٽرن تي اپائنٽمينٽ بُڪ ڪرڻ جو آپشن جلد متعارف ڪرايو ويندو. پهرين مرحلي تحت اپائنٽمينٽ جي سهولت ملڪ جي 43 نادرا رجسٽريشن سينٽرن تي موجود هوندي، ان کان علاوه، توهان پاڪستان ۾ آهيو يا پرڏيهه ۾ توهان پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي نادرا جي سڃاڻپ دستاويزن جي فيس تمام آساني سان ادا ڪري سگهو ٿا.