گنگولي پاران ايشيا ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي ميچ جي حمايت

ممبئي : اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سورو گنگولي ايشيا ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي مقابلي جي حمايت ڪئي آهي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سورو گنگولي چيو ته پهلگام جهڙو ڪو به واقعو نه ٿيڻ گهرجي، راند جاري رهڻ گهرجي، دهشتگردي نه ٿيڻ گهرجي، ان کي روڪڻ گهرجي.ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سورو گنگولي چيو ته ڀارت دهشتگردي تي سخت موقف اختيار ڪيو آهي، راند ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته منهنجي لاءِ اهو ٺيڪ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ايشيا ڪپ ۾ هڪ ئي گروپ ۾ هجن.ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي شيڊول جو اعلان ڇنڇر تي ڪيو ويو هو. پاڪستان، ڀارت، يو اي اي ۽ عمان کي گروپ اي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بنگلاديش، سريلنڪا، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ گروپ بي ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔