ڪراچي : اداڪاره عليزي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته منسا ملڪ کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.اداڪاره عليزي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، سندس اڳوڻي ساٿي اداڪاره منسا ملڪ سان جهيڙن ۽ الزامن جي ڪري.هن منسا ملڪ تي سنگين الزام لڳايا ۽ سينئر ڳائڻي شازيه منظور تي به تنقيد ڪئي.عليزي شاهه هڪ بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته منسا ملڪ کيس نامعلوم نمبرن تان فون ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته، ‘هوءَ مون کي نامعلوم نمبرن تان فون ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته ڄاڻو ته اهو سندس ڪم هوندو، 3 سال اڳ ساڳئي عورت مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون اڄ تائين جيڪو ڪجهه ڪمايو آهي، اهو عزت ۽ حلال سان ڪمايو آهي، پر جيڪي حرام کائيندا آهن، انهن کي خدا يا انجام جو ڪو به خوف ناهي.