اسلام آباد: پاڪستان سفارتي نمائندن کي آءِ ايم ايف حمايته يافته اصلاحاتي ايجنڊا تي عملدرآمد جو يقين ڏياريندي انهي ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ملڪ هاڻ معاشي استحڪام کان اڳيان وڌندي پائيدار اصلاحات ۽ ترقي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
تفصيل موجب آمريڪا سان امڪاني واپاري معاهدي کان اڳ پاڪستان جي ٻن اهم وزيرن سفارتي برادري سان رابطو ڪيو ته جيئن انهن کي آءِ ايم ايف پروگرام جي تحت ڪيل اصلاحآت کان آگاهه ڪري سگهجي.
انهي اهم ملاقات ۾ وفاقي وزير توانائي سردار اويس لغاري ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني اڱاري تي ناڻي واري وزارت ۾ آمريڪا، برطانيه، يورپي يونين، اٽلي، جرمني، ڪينيڊا، آسٽريليا، سوئٽزرلينڊ، جاپان، نيڊر لينڊز ۽ سعودي عرب سميت مختلف ملڪن جي سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينئر سفارتڪارن کي خطاب ڪيو.
ناڻي واري وزارت جي پڌرائي موجب ٻنهي وزيرن پنهنجي ڌار ڌار پريزنٽيشنز ۾ هر ڀيري انهي ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ذميوار اقتصادي نظم، نسق ۽ عالمي معيار موجب سرڪاري شعبن کي جديد بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيرن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته اها اصلاحات هڪ اسٽريٽجڪ، دورانديش، قومي ايجنڊا جو حصو آهي. جنهن جو مقصد مسابقت، شفافيت ۽ لچڪ کي هٿي ڏئي ٿي. سفارتي شرڪت ڪندڙ جامع ۽ کليل انداز ۾ ڏنل انهي بريفنگ جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت جي پائيدار ۽ بامقصد اصلاحات جي ارادن جي تعريف ڪئي.
وفاقي وزير توانائي سفارتڪارن کي پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ موجود سرمائيڪاري جي وسيع موقعي طرف ڌيان ڏنو جيڪو مختلف شعبن ۾ 2 کان 3 ارب ڊالر تائين آهي. هن سڄي دنيا جي پاور يوٽيليٽي ڪمپنين، سرمائيڪارن ۽ صنعتي ماهرن کي دعوت ڏني ته اهي گرڊ جي جديد ڪاري، قابل تجديد توانائي جي انضمام، ورهاست جي ڪارڪردگي ۽ توانائي خدمتن جهڙي شعبن ۾ سرمائيڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺندا