براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

سڊني حملي ۾ ملوث ساجد اڪرم جي ڀارتي هجڻ جو انڪشاف

سڊني:  آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ فائرنگ ذريعي 16 ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن کي زخمي ڪندڙ شخص ڀارتي شهري نڪتو. ميڊيا ذريعن موجب دهشتگرد جي ساٿي دعويٰ ڪئي آهي ته دهشتگرد ڀارتي ڄائو آهي. آسٽريلوي چينل سان ڳالهيون ڪندي شوٽر جي ساٿي ٻڌايو ته نويد…

سنڌ جي وڏي وزير پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، والدين کي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جي اپيل

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ 7 ڏينهن جي پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پوليو مهم جي افتتاح جي موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته 16 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ 7 ڏينهن واري مهم سنڌ جي 30 ضلعن جي هڪ هزار 345 يوسيز ۾ هلائي…

پاڪ بحريه طرفان جديد ترين ميزائل جو ڪامياب تجربو

ڪراچي:  پاڪ بحريه پنهنجي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيت جو ارادو ڪندي آچر تي اتر عرب سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح کان فضا تائين مار ڪندڙ جديد ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو. رپورٽ موجب فائر پاور ڊيمونسٽريشن جي دوران پاڪ بحريه جي جهاز انتهائي متحرڪ…

قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون:چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل

گجرانولا: چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ تفرقو ڦهلائيندڙ عنصرن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير…

نواز شريف کي اقتدار مان ڪڍڻ جو ذميوار فيض حميد آهي، خواجا

سيالڪوٽ: دفاع واري وزير خواجه آصف ڇنڇر جي ڏينهن چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 2017ع ۾ عهدي تان هٽائڻ جو ذميوار اڳوڻو ڳجهي اداري جو سربراهه فيض حميد هو، ۽ هن وڌيڪ چيو ته جلد ئي مٿس وڌيڪ الزام به سامهون ايندا. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس…

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 54 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 54 ڪروڙ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 40 ڪروڙ ڊالر رياستي ملڪيتي ادارن ۾ اصلاحات جي لاءِ ڏنا ويندا. پڌرائي موجب 14 ڪروڙ ڊالر سنڌ جي سامونڊي…

ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن، 4 رانديگر معطل، ڪيس داخل

ڪراچي: ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن جي الزامن تي چار ڪرڪٽرن کي معطل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، ڪرڪٽرن تي ڪرپشن جا الزام ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ دوران سامهون آيا، جنهن کان پوءِ آسام ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن مبينا طور ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ تي 4 ڪرڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو…

سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ٻن پوليس عملدارن سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي اي چالان موڪلي ڇڏيا.

ميرپورخاص: سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ٻن پوليس عملدارن سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي 10_10 ھزار جا اي چالان موڪليا ويا. ميرپورخاص جي غريب آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او وجئي ڪمار پاران ڪار ۾ ويھي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي گاڏيءَ جي مالڪ اي ايس آءِ عباس علي عباسي کي 10…

عوام لاءِ خوشخبري: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 روپين جي وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد:  پاڪستانين جي لاءِ خوشخبري اها آهي ته ٻن ڏينهن کان پوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 روپين تائين وڏي لاٿ جو امڪان سامهون اچي ويو آهي. رپورٽ موجب 16 ڊسمبر کان پيٽروليم شين جون قيمتون 11 روپيه في ليٽر تائين گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.…

ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي وئي

پشاور:  ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي وئي آهي. جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملو ڪندڙن جو تعلق پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم سان آهي، آپگهاتي حملو ڪندڙن پشاور ۾ ڪجهه ڏينهن تائين قيام ڪيو هو.پشاور: (ڇنڇر:…