سڊني: آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ فائرنگ ذريعي 16 ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن کي زخمي ڪندڙ شخص ڀارتي شهري نڪتو.
ميڊيا ذريعن موجب دهشتگرد جي ساٿي دعويٰ ڪئي آهي ته دهشتگرد ڀارتي ڄائو آهي. آسٽريلوي چينل سان ڳالهيون ڪندي شوٽر جي ساٿي ٻڌايو ته نويد اڪرم جي پيءُ جو تعلق ڀارت ۽ ماءُ جو اٽلي سان آهي.
تازي انڪشاف کان پوءِ ڀارت جي پريشاني ۽ پاڪستان جي خلاف ڪوڙ سمجهه ۾ اچي ويو. ڀارتي ميڊيا سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون تصويرون پکيڙي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام سازش ڪئي.
سڊني ۾ پيش آيل سانحي کي سياسي ۽ پروپيگنڊا جنگ ۾ تبديل ڪرڻ هر صورت ۾ مذمت جوڳو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۽ ڪوڙا الزام انسانيت جا دشمن آهن ۽ پاڪستان کي نشانو بنائڻ جي منظم سازش حقيقي انساني ڪهاڻي کي نظر انداز ڪيو.
ڀارتي ميڊيا طرفان ڪوڙي وڊيوز ۽ هٿ ٺوڪي ڊيٽا جي ذريعي پاڪستان تي الزام بازي بي نقاب ٿي وئي آهي ڪنهن به عالمي ذريعن پاڪستان جي خلاف الزامن جي حمايت نه ڪئي آهي جڏهن ته منظم ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي پکيڙيو ويو جڏهن ته پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي دوران حقيقي انساني بهادري ۽ قرباني کي نظر انداز ڪيو ويو.
سڊني واقعي ۾ مسلمان هيرو احمدالعهمد ڏيکاريو ته بهادري ۽ انسانيت ۾ مذهب يا نسل جي ڪابه حد نه هوندي، دهشتگردي جو تعلق ڪنهن قوم يا مذهب سان نه، انهي لاءِ سچائي تي ٻڌل رپورٽنگ ۽ انساني همدردي اهم آهي.
دهشتگردي انسانيت جي دشمن آهي، ڪنهن قوم يا نسل سان جوڙڻ انتهائي غيرذميوارانه قدم آهي. واقعو هڪ فرد جو ڏوهه هو پر پوري قوم کي بدنام ڪرڻ نفرت انگيزي آهي. پاڪستان کي نشانو بنائڻ جو مقصد انتهاپسند متاثرين جي مدد ۽ مسلمانن جي پرامن سڃاڻپ تان ڌيان هٽائڻ آهي.
تبصرے بند ہیں۔