ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ 7 ڏينهن جي پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پوليو مهم جي افتتاح جي موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته 16 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ 7 ڏينهن واري مهم سنڌ جي 30 ضلعن جي هڪ هزار 345 يوسيز ۾ هلائي ويندي. جنهن دوران هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.
هن چيو ته سموري دنيا ۾ اهڙي طرح انهي مرض مان ڇوٽڪارو پاتو ويو آهي. اهو شرمندگي جو سبب آهي ته سموري دنيا ۾ صرف پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو آهي، انهي جو صرف هڪ علاج آهي ته اسان پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارينداسين، ٻين اسلامي ملڪن به ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري اهو مرض ختم ڪيو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل سال به 30 ٻارن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي جن مان 9 جو تعلق سنڌ سان هو اهو مرض گهٽ ٿي ويو هو پر ڪجهه سالن کان ٻيهر وڌيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته انهي مهم ۾ 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن وررڪز حصو وٺندا جن جي حفاظت جي لاءِ 21 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. والدين ۽ عوام کي اپيل آهي ته اهي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين.
تبصرے بند ہیں۔