مولانا سان جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي قبر ۾ گڏ وينديون(وزيراعظم)، اجازت ڏيان ٿو راز جون ڳالهيون ايوان کي ٻڌايو: فضل الرحمان
اسلام آباد: قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان جيڪي اڳ مخالف رهيا آهن هن وقت ٻنهي جا رستا ڌار ڌار آهن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ جي يو آءِ سربراهه جي وچ ۾ ڏوراپا ڏيڻ جي انداز ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جڏهن ايوان ۾ پهتو ته هن اپوزيشن ميمبرن سان هٿ ملايو. شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان به هٿ ملايو. انهي موقعي تي ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.
وزيراعظم مولانا فضل الرحمان کي چيو ته اوهان سان احترام جو رشتو آهي، اوهان هميشه شفقت سان پيش آيا آهيو، شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان جيڪي به ڳالهيون اڪيلائي ۾ ٿيون اهي راز آهن ۽ اهي ڳالهيون قيامت تائين ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس اهي ڳالهيون قبر ۾ مون سان گڏ وينديون.
انهي موقعي تي مولانا فضل الرحمان جواب ڏيندي چيو ته وزيراعظم جيڪو محبت جو اظهار ڪيو، مان انهي جي آجيان ڪريان ٿو، انهي سان گڏ ئي اها به اجازت ڏيان ٿو ته راز جون ڳالهيون ايوان ۾ سڀني جي سامهون ٻڌايو.
وزيراعظم چيو ته مولانا صاحب اوهان جي مهرباني پر اوهان جي اها آڇ انهي لاءِ قبول نه ڪندس ته جيڪڏهن اهي ڳالهيون چيون ته پوءِ اهي ڳالهيون پري تائين وينديون، معاملا ايترو پري تائين هليا ويندا جيڪي واپس نٿا اچي سگهن.
تبصرے بند ہیں۔