بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 25 ارب روپين جون مالي بي ضابطگيون، سرڪاري ملازمن ۾ 51 ڪروڙ ورهايا ويا

اسلام آباد:  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مالي سال 2024-25ع لاءِ آڊٽ سال 2025-26ع جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ناقص پروفائلنگ، نظام ۽ ضابطي جي ڪمزورين سبب سرڪاري ملازمن، گاڏين جي مالڪن ۽ ٻٽي شهريت رکندڙن سميت 6 لک کان وڌيڪ نااهل ماڻهن کي اربين روپين جون بي ضابطه ادائيگيون ڪيون ويون.

آڊٽ ۾ بي آءِ ايس پي مينجمينٽ انفارميشن سسٽم(بي آئي ايس پي ايم آئي ايس) ۾ زال مڙس جي ڊيٽا جي پروفائلنگ ۾ سنگين ڪمزوريون سامهون آيون، جنهن جي تحت 601850 ڪيسن ۾ 25 ارب روپين کان وڌيڪ مالي مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي.

سرڪاري آڊٽ دستاويز موجب مالي سال 2024-25ع جي دوران بي آئي ايس پي غير مشروط روڪ منتقلي(يو سي ٽي) پروگرام جي تحت 12078 سرڪاري ملازمن، پينشنرز يا انهن جي گهر وارين کي 515.712 ملين روپيه ادا ڪيا، حالانڪه 24 ڊسمبر 2019ع تي وفاقي ڪابينه جي هدايت تحت سرڪاري ملازمن ۽ انهن جي گهر وارين کي انهي پروگرام مان واضح طور تي خارج ڪيو ويو هو.

 

تبصرے بند ہیں۔