ابوظهبي: آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آبنائي هرمز هڪ عالمي آبي گذرگاهه آهي عالمي قانون جي تحت ڪنهن به ملڪ کي انهي اهم سامونڊي رستي تي ٽول يا فيس لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل نه آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل تازي معاهدي جي حوالي سان عرب اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي لاءِ متحده امارات جي راڄڌاني ابوظهبي پهتو جتي هن صحافين سان ڳالهيون ڪندي آبنائي هرمز جي مستقبل ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي اهم بيان ڏنا.
مارڪو روبيو چيو ته آبنائي هرمز دنيا جي اهم ترين عالمي آبي گذر گاهن ۾ شامل آهي، عالمي قانون ڪنهن به ملڪ کي انهي رستي تي ٽيڪس، ٽول يا ٻئي فيس لاڳو ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، هن دعويٰ ڪئي ته خطي جي سمورا ملڪ انهي معاملي تي آمريڪا جي موقف سان اتفاق ڪن ٿا.
آمريڪي پرڏيهي وزير ايران جي حوالي سان چيو ته تهران کي انقلابي تحريڪ جي بجاءِ هڪ ذميوار رياست جي طور تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن ايران ذميوارين موجب ڪم ڪري ته انهي جي لاءِ معاشي ۽ سفارتي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن.
مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ايران سان جڙيل هٿياربند گروهن جي سرگرمين جو خاتمو ضروري آهي. هن عراق مان ٿيل ميزائل ۽ ڊرون حملن کي علاقائي امن جي لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ اهو معاملو به بحث هيٺ ايندو.
ياد رهي ته تازو ئي عمان ۽ ايران هڪ گڏيل پڌرائي ۾ چيو هو ته ٻئي ملڪ آبنائي هرمز جي مستقبل جا انتظام ۽ اتي فراهم ڪيل خدمتن جي عيوض وصول ڪيل امڪاني فيسن جو جائزو وٺندا. انهي بيان کان پوءِ آبنائي هرمز جي قانوني حيثيت ۽ انٽطامي معاملن تي عالمي سطح تي نئين بحث شروع ٿي وئي آهي. ماهرين موجب آبنائي هرمز عالمي توانائي جي ورهاست جي لاءِ انتهائي اهم رستو آهي جتان کان دنيا جو وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گيس جو واپار ٿيندو آهي. انهي لاءِ انهي بابت ڪنهن به فيصلي جا عالمي معيشت تي سڌو سنئون اثر پئجي سگهن ٿا.
تبصرے بند ہیں۔