ڄامشورو پاور پلانٽ کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ سان 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بچت ٿيندي

ڪراچي: ڄامشورو پاور پلانٽ کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ سان 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بچت ٿيندي.

ڄامشورو پاور پلانٽ کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ڊورنيئر گروپ ۽ Ey Parthenon طرفان تيار ڪيل بينڪيبل فزيبلٽي اسٽڊي وفاقي وزير توانائي اويس احمد لغاري کي پيش ڪئي وئي.

وفاقي حڪومت کي پيش ڪيل هڪ نئين فزيبلٽي اسٽڊي موجب ڄامشورو پاور پلانٽ جي يونٽ 01 کي درآمدي ڪوئلي جي بجاءِ مقامي ٿر لگنائٽ ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ سان پاڪستان ايندڙ 26 سالن ۾ تقريبن 3.239 ارب ڊالر جي بچت ڪندو جنهن ۾ 2.113 ارب ڊالر جا ذخيرا به شامل آهن.

مطالعي ۾ اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته اهو منصوبو ٽيڪنيڪي طور تي قابل عمل، معاشي لحاظ سان مضبوط ۽ ماحولياتي  اعتبار سان قابل انتظام آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔