ڪراچي: ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جي مرڪزي جلوس جي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جلوس نمائش کان شروع ٿي روايتي رستن کان ٿيندو کارادير تي امام بارگاهه حسينيه ايرانيان تي پهچي اختتام پذير ٿيندو.
انهي حوالي سان پوليس جلوس جي رستن تي سخت سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. پوليس صدر، ريگل چوڪ ۽ ڀرپاسي جي روڊن ۽ گهٽين کي بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جلوس جي روٽس ۾ ايندڙ دڪانن کي به سيل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف ٽريفڪ پوليس ٻڌايو ته ايم اي جناح روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. انهي کان علاوه مرڪزي جلوس جي رستن ۽ ڀرپاسي ۾ موبائل فون سروس متاثر آهي جنهن سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
جلوس کان اڳ نشتر پارڪ ۾ مجلس عزا منعقد ٿيندي جنهن کي مشهور عالم دين علامه شهنشاهه حسين نقوي خطاب ڪندو مجلس ۾ ڪربلا جي شهيدن جي لازوال قربانين ۽ فلسفه شهادت تي روشني وڌي ويندي. جلوس ٻنپهرن جو 12 وڳي سادات امروه طرفان برآمد ڪيو ويندو جنهن جي رهنمائي ابوالحسن اسڪائوٽس ۽ امروه اسڪائوٽس ڪندا.
پوليس ترجمان موجب سموري شهر ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي انجام ڏيندا، مرڪزي جلوس جي رستن ۽ حساس هنڌن تي اضافي نفري، ريزرو فورس ۽ اسنائپرز مقرر ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرچ وسويپ آپريشنز جي ذريعي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بنايو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔