ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي وئي

پشاور:  ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي وئي آهي. جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملو ڪندڙن جو تعلق پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم سان آهي، آپگهاتي حملو ڪندڙن پشاور ۾ ڪجهه ڏينهن تائين قيام ڪيو هو.پشاور: (ڇنڇر: 13 ڊسمبر 2025ع) ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي وئي آهي. جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملو ڪندڙن جو تعلق پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم سان آهي، آپگهاتي حملو ڪندڙن پشاور ۾ ڪجهه ڏينهن تائين قيام ڪيو هو.

جاچ اختيارين موجب حملو ڪندڙن قيام جي دوران شهر جي رستن کان واقفيت حاصل ڪئي. آپگهاتي جيڪٽس ۽ رهائش جي فراهمي ۾ آپگهاتي بمبارن جي سهولتڪاري ڪئي وئي.

جاچ اختيارين ٻڌايو آهي ته ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملي بابت ڪيس ۾ شروعات کان هينئر تائين 150 کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ٿي چڪي آهي.

ياد رهي ته گذريل مهيني ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته آپگهاتي بمبار سميت 3 حملو ڪندڙ به مارجي ويا هئا.

تبصرے بند ہیں۔