اسلام آباد: تجزيو ڪندڙ شهباز راڻا ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان مٿان 11 نيون سخت شرط لڳائي ڇڏيون آهن جنهن کان پوءِ انهي جو گڏيل انگ 64 تائين پهچي ويو.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي شهباز رانا چيو ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جو مطالبو ڪندي سخت اصلاحاتي روڊ ميپ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
انهي صوبائي آفيسرن جي اثاثن تائين بينڪن کي مڪمل پهچ ڏيڻ جي شرط به لڳائي وئي آهي. مقامي ڪرنسي بانڊ مارڪيٽ جي رڪاوٽن تي جامع اسٽيڊي جي هدايت به ڪئي وئي آهي. عالمي اداري ڪرپشن رسڪ وارن 10 کاتن جو ايڪشن پلان شايع ڪرڻ جي شرط لاڳو ڪئي آهي، جنهن ۾ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۽ رڪاوٽن جو گڏيل جائزو به ورتو ويندو.
نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل(ر) سرفراز جو چوڻ آهي ته اسان وٽ گروٿ پلان نه آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته گروٿ پلان انهي قابل نه آهي جو اسان 25 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ کي گڏ کڻي هلي سگهي. اهي ٻئي بيان موجوده حڪومت جو پيڇو ڪندا رهيا آهن جنهن سبب شرطن جي لاڳو ٿيڻ ۾ ڪاميابي ناهي ملي رهي. آءِ ايم ايف تاريخن ۾ واڌ ڏئي رهيو آهي ته انهي سان گڏ شرطون به لڳائي رهيو آهي.
عالمي اداري جي بدعنواني جي خاتمي جي شرط اهم هوندي. شوگر، ايف بي آر ۽ گورننس بابت اصلاحات به شرطن ۾ شامل آهن. ڪامران يوسف ٻڌايو آمريڪا پاڪستان کي ايف 16 جا پسزا ۽ جديد ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ٽرمپ حڪومت طرفان ايف 16 جهاز اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 686 ملين ڊالر ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ لنڪ سسٽمز، ڪرپٽو فرافڪ، تربيت ۽ لاجسٽڪ سپورٽ شامل آهي.
تبصرے بند ہیں۔