واشنگٽن: آمريڪا ۾ موجود افغان شهرين بابت هڪ ڳڻتي جوڳو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي جتي تقريبن 2 هزار افغان شهرين جي دهشتگرد تنظيمن سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.
اها ڳالهه نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر تلسي گيارڊ آمريڪي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چئي. تلسي گبارڊ بائيڊن انتظاميه جي دور ۾ آمريڪا آيل افغان شهرين جي جانچ پڙتال جي سست ۽ غير موثر عمل تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته آپريشن الائيز ويلڪم جي تحت گڏيل طور تي 16 هزار افغان شهري آمريڪا ۾ داخل ٿيا پر انهي دوران مناسب ۽ جامع اسڪريننگ نه ڪئي وئي.
هن چيو ته موجوده مرحلي ۾ آپريشن الائيز ويلڪم جي تحت آيل هر افغان شهري جو سختي سان جائزو ورتو پيو وڃي ۽ انهي سلسلي ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا حرڪت ۾ آهن. تلسي گيارڊ موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته آمريڪا آيل 16 هزار افغان شهرين مان تقريبن 2 هزار دهشتگرد تنظيمن سان سڌو سنئون يا امڪاني رابطه آهن.
نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر خبردار ڪيو ته داعش ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون مسلسل آمريڪي زمين تي حملن جي منصوبه بندي ۾ مصروف آهن ۽ اهو گروپ آمريڪا ۾ اهڙن ماڻهن جي ڳولا ۾ رهندو آهي جيڪي انهن جي مقصد کي اڳيان وڌائي سگهن. هن چيو ته انهي سبب جي ڪري انهي خطري کي نهايت ئي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي.
تلسي گيارڊ انٽرويو جي دوران اهو به چيو ته گذريل ڪجهه سالن جي دوران غيرقانوني طور تي آمريڪا آيل ماڻهن جي انگ ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي جيڪو ملڪي سلامتي جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو چيلينج بڻجندو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔