لاهور: پاڪستان مخالف مواد ڏيکارڻ تي ڀارتي فلم(دهريندر) کي 6 عرب ملڪن ۾ نمائش کان روڪيو ويو آهي. سعودي عرب، متحده عرب امارات، قطر، ڪويت، بحرين ۽ عمان ۾ ڀارتي فلم تي پابندي لڳائي وئي آهي.
رپورٽن موجب عرب ملڪن فلم ۾ پاڪستان جي خلاف تعصب تي ٻڌل مواد پيش ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو جنهن کان پوءِ فلم کي نمائش کان روڪيو ويو آهي.
فلم جي عرب ملڪن ۾ رليز جي لاءِ درخواست ڪئي وئي جنهن کي رد ڪيو ويو ۽ فلم کي ڪنهن به عرب ملڪ ۾ رليز ٿيڻ کان روڪيو ويو.
ياد رهي ته اهو پهريون موقعو نه آهي جڏهن ڀارتي فلمن کي وچ اوڀر ۾ اهڙي طرح جي پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي انهي کان اڳ به ڪيترين ئي ڀارتي فلمن تي پابندي لڳي چڪي آهي.
تبصرے بند ہیں۔