عوام لاءِ خوشخبري: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 روپين جي وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد:  پاڪستانين جي لاءِ خوشخبري اها آهي ته ٻن ڏينهن کان پوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 روپين تائين وڏي لاٿ جو امڪان سامهون اچي ويو آهي.

رپورٽ موجب 16 ڊسمبر کان پيٽروليم شين جون قيمتون 11 روپيه في ليٽر تائين گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتتائي سان لاڳاپيل کاتي شروعاتي ورڪنگ تيار ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب پيٽرول 36 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل 11 روپيه 85 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. انهي کان علاوه گاسليٽ 11 روپيه 70 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل 10 روپيه 1 پئسو في ليٽر تائين سستو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي طرفان قيمتن جي سمري 15 ڊسمبر جي منظوري لاءِ اماڻي ويندي جنهن تي وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ پيٽروليم ڊويزن نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. جيڪڏهن تجويز ڪيل گهٽتائي ڪئي وئي ته انهي کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 263 روپيه 9 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 267 رويپه 80 پئسا ٿي ويندي.

انهي کان علاوه گڏيل گهٽتائي کان پوءِ گاسليٽ جي قيمت 181 روپيه 16 پئسا في ليٽر ٿي ويندي جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي نئين قيمت 153 روپيه 76 پئسا في ليٽر ٿي ويندي.

تبصرے بند ہیں۔