سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ٻن پوليس عملدارن سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي اي چالان موڪلي ڇڏيا.

ميرپورخاص: سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ٻن پوليس عملدارن سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي 10_10 ھزار جا اي چالان موڪليا ويا. ميرپورخاص جي غريب آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او وجئي ڪمار پاران ڪار ۾ ويھي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي گاڏيءَ جي مالڪ اي ايس آءِ عباس علي عباسي کي 10 ھزار رپين جو اي چالان سندس گھر تي موڪليو ويو.

اي ايس آءِ موجب سندس گاڏي ايس ايڇ او وجئي ڪمار ھلائي رھيو ھو، جيڪو ميرپورخاص ڀرسان ھڪ شادي حال ۾ بنا سيٽ بيلٽ ٻڌڻ جي وڃي رھيو ھو. ھوڏانھن اي ايس آءِ يار محمد ڪيريو کي پڻ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 10 ھزار رپين جو اِي چالان موڪليو ويو.

گذريل ٻن ڏينھن کان ميرواھ گورچاڻي ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين ھيرا لال سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي اي چالان موڪليا ويا آھن. ھيرالال موجب سندس گاڏي پڻ ھڪ ٻيو شخص ڪم سانگي کڻي ويو ھو، سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ ۽ ڊرائيورنگ دوران موبائل استعمال ڪرڻ تي کيس 20 ھزار رپين جا اي چالان موڪليا ويا آھن.

واضح رھي ته ميرپورخاص شھر جي اندر حيدرآباد ميرپورخاص ٽول پلازا، رِنگ روڊ، اسٽيٽ لائيف بلڊنگ، بلديا ڪامپليڪس، چوڪ آفيس چوڪ سميت باءِ پاس تي سيف سٽي پروگرام تحت ڪيمرائون لڳايون ويون آھن.

شيئر

تبصرے بند ہیں۔