ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن، 4 رانديگر معطل، ڪيس داخل

ڪراچي: ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن جي الزامن تي چار ڪرڪٽرن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڪرڪٽرن تي ڪرپشن جا الزام ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ دوران سامهون آيا، جنهن کان پوءِ آسام ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن مبينا طور ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ تي 4 ڪرڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيد مشتاق علي ٽرافي دوران مبينا ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ سبب انهن ڪرڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
آسام ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پريس رليز ذريعي رانديگرن جي معطلي جو اعلان ڪيو آهي. معطل ڪيل ڊوميسٽڪ ڪرڪٽرن ۾ اميت سنها، ايشان احمد، امن ترپاٺي ۽ اڀيشڪ ٺاڪري شامل آهن.
آسام ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته معطل ڪرڪٽرن آسام ٽيم جي موجوده ڪرڪٽرن کي ڀڙڪايو ۽ انهن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
مشتاق علي ٽرافي 26 نومبر کان 8 ڊسمبر تائين منعقد ٿي، جڏهن ته گوهاٽي جي ڪرائم برانچ ۾ به معطل ڪرڪٽرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، معطل ڪرڪٽرن کي ڪنهن به سطح تي ڪرڪيٽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي، ۽ چارئي ڪرڪٽر جاچ جي نتيجن تائين معطل رهندا.

تبصرے بند ہیں۔