ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 54 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 54 ڪروڙ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 40 ڪروڙ ڊالر رياستي ملڪيتي ادارن ۾ اصلاحات جي لاءِ ڏنا ويندا.

پڌرائي موجب 14 ڪروڙ ڊالر سنڌ جي سامونڊي علائقن جي بهتري وارن منصوبن جي لاءِ ڏنا ويندا. انهي رقم سان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي نئين سري سان تعمير ڪئي ويندي. امدادي منصوبن سان سنڌ ۾ شروع ڪيل منصوبن مان 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا.

انهي منصوبي سان ڏيڍ لک هيڪٽر زرعي زمين محفوظ بنائي ويندي ۽ 22 هزار هيڪٽر ٻيلن جي بحالي، ماحولياتي تحفظ ۽ خوراڪ جي تحفظ ۾ بهتري ايندي.

تبصرے بند ہیں۔