نواز شريف کي اقتدار مان ڪڍڻ جو ذميوار فيض حميد آهي، خواجا

سيالڪوٽ: دفاع واري وزير خواجه آصف ڇنڇر جي ڏينهن چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 2017ع ۾ عهدي تان هٽائڻ جو ذميوار اڳوڻو ڳجهي اداري جو سربراهه فيض حميد هو، ۽ هن وڌيڪ چيو ته جلد ئي مٿس وڌيڪ الزام به سامهون ايندا.
سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دفاع واري وزير چيو: “آءِ ايس آءِ جي هڪ اڳوڻي سربراهه خلاف 15 مهينن تائين هلندڙ مقدمي ۾ سزا ٿي چڪي آهي، ۽ اڃا به ڪجهه ٻيا الزام آهن، جن تي جلد قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.”
دفاع واري وزير اڳوڻي ڳجهي اداري جي سربراهه تي سخت تنقيد ڪندي الزام هنيو ته “فيض حميد جي نگراني هيٺ نواز شريف کي سندس عهدي تان هٽايو ويو ۽ مٿس ڪيس ٺاهيا ويا ته جيئن عمران کي اقتدار ۾ آندو وڃي.”
هن الزام لڳايو ته فيض حميد، پنهنجي “ساٿي” عمران سان گڏ، ملڪ کي پهتل “وڏي نقصان” جو ذميوار آهي. خواجه آصف اهو به چيو ته فيض حميد “پروجڪٽ عمران” جو انچارج هو، ۽ هن 2018ع جي عام چونڊن ڏانهن به اشارو ڪيو. وزير چيو: “فيض ان حڪومت جو سڀ کان اهم حصو هو.”
هن ياد ڏياريو ته پي ٽي آءِ جي دور حڪومت دوران اڳوڻي خفيه سربراهه سياسي مخالفن کي “جيل موڪلڻ” ۾ سهولت فراهم ڪئي. هن چيو: “هو سياسي مخالفن کي ڌمڪائيندو هو ۽ جيل موڪليندو هو،” ۽ زور ڀريائين ته عمران جو “ويزن” فيض حميد ذريعي عملي شڪل اختيار ڪئي. وزير الزام هنيو ته فيض حميد جي پاليسين مان سڀ کان وڌيڪ فائدو عمران کي ٿيو.

تبصرے بند ہیں۔