گجرانولا: چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ تفرقو ڦهلائيندڙ عنصرن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون.
پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گوجرانواله ۽ سيالڪوٽ گيريزنز جو دورو ڪيو، جتي کيس فارميشن جي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل فيلڊ ٽريننگ ايڪسرسائز ۽ جديد سيميوليٽر ٽريننگ سهولت جو به جائزو ورتو۔ چيف آف ڊفينس فورسز فارميشن جي اعليٰ پيشيورانه معيار ۽ مجموعي تياري جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جنگي صلاحيتن جي ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جديد جنگي ماحول ۾ ڦرتي، درستگي، اثرائتي حالتن کان آگاهي ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ انتهائي ضروري آهن.
ان موقعي تي چيف آف ڊفينس فورسز آفيسرن ۽ جوانن سان به گفتگو ڪئي ۽ انهن جي بلند حوصلن ۽ قومي سلامتي لاءِ غير متزلزل عزم کي ساراهيو.
چيف آف ڊفينس فورسز جوانن جي سخت گير، مشن تي ٻڌل تربيت جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته پاڪ فوج اندروني ۽ ٻاهرين چيلينجن، ۽ انتهاپسند نظرين سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، ۽ قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ تفرقو ڦهلائيندڙ عنصرن سان نبرڻ لاءِ مڪمل طور تي مستعد آهي.
تبصرے بند ہیں۔