ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جو دورو: سعود جي اسڪواڊ جو حصو نه هجڻ جو امڪان

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري ۾ کاٻي هٿ جي بيٽر سعود شڪيل جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شموليت مشڪوڪ بڻيل آهي. ذريعن موجب، مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل جي فٽنيس مسئلن جي ڪري اسڪواڊ جو حصو نه هجڻ جو امڪان آهي.سندس انجريءَ مان صحتيابي (ريڪوري) تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ متبادل طور ڪيمپ ۾ ڪنهن ٻئي مڊل آرڊر بيٽر کي گهرايو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته انجري جي مسئلن جي ڪري سليڪٽرز کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ مجبوريءَ تحت وڌيڪ تبديليون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن.سعود شڪيل کان اڳ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي پڻ ان-فٽ ٿيڻ جي خبر سامهون آئي هئي. محمد رضوان جي متبادل طور روحيل نذير کي ريڊ بال ڪيمپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ لاءِ پاڪستان جي ريڊ بال ڪيمپ جاري آهي، پاڪستاني رانديگر اڄ ايل سي سي گرائونڊ ۾ سينياريو (ميچ جي صورتحال وارو) ميچ کيڏندا.

تبصرے بند ہیں۔