لاهور: پاڪستاني فلم انڊسٽري جي عظيم اداڪار ۽ پنجابي سنيما جي بي تاج بادشاهه سلطان راهي جو 88 هون جنم ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي. 24 جون 1938ع تي پيدا ٿيندڙ سلطان راهي پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ننڍڙن ڪردارن سان ڪئي، پر پنهنجي محنت، منفرد اداڪاري، طاقتور ڊائلاگ ڊليوري (مڪالما ادائيگي) ۽ جاندار ڪردارن جي ڪري هو پنجابي فلمن جو سڀ کان مقبول ستارو بڻجي ويو.فلم ”وحشي جٽ“ سلطان راهي کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو، جڏهن ته ”مولا جٽ“ کيس ننڍي کنڊ جي مقبول ترين ايڪشن هيروز جي صف ۾ آڻي بيهاريو. فلم ۾ سندس گنڊاسي وارو ڪردار ۽ دٻنگ انداز اڄ به مداحن جي ذهنن ۾ تازو آهي. سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي جي جوڙي پاڪستاني فلمي تاريخ جي ڪامياب ترين جوڙين ۾ شمار ٿئي ٿي، جن ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.تقريبن چئن ڏهاڪن تي ٻڌل فلمي سفر ۾ سلطان راهي سوين فلمن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ پنجابي سنيما کي نئين سڃاڻپ ڏني. سندس مشهور مڪالما، منفرد انداز ۽ لازوال ڪردار اڄ به پاڪستاني فلم انڊسٽري جو قيمتي اثاثو سمجهيا وڃن ٿا. 9 جنوري 1996ع تي گوجرانوالا ويجهو هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ سلطان راهي لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس فن، شخصيت ۽ فلمي خدمتون اڄ به زنده آهن ۽ هو پاڪستان جي يادگار ترين اداڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔