براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
جن ملڪن کي اسان سان مسئلو آهي، انهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون: طالبان
ڪابل: افغانستان جي عبوري نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر چيو آهي ته جن ملڪن کي اسان سان مسئلا آهن انهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. ڪابل ۾ پرڏيهي سفيرن جي اعزاز ۾ رات جي ماني جو انتظام ڪيو ويو، جنھن کي ملا عبدالغني برادر خطاب ڪيو.…
ايف بي آر پاران وڌيڪ آمدني جمع ڪرڻ تي وزيراعظم جون مبارڪون
ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ٽيڪس جي مد ۾ هڪ هزار 395 ارب رپين جي آمدني گڏ ڪئي آهي. پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ ايف بي آر جي روينيو ۾…
ڪراچي واسي جو لاش ڊرم ۾ وجهي افغانستان موڪليو ويو، سي سي پي او پشاور جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف
ڪراچي: پلاسٽ جي ڊم ۾ لاش پاڪستان کان افغانستان موڪلڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. سي سي پي او پشاور عباس احسن جو چوڻ آهي ته لاش ڪراچي جي علائقي سچل کان لاپتا ٿيندڙ عمر فاروق جي آهي، مقتول کي اغوا ڪري سندس دوست طرفان هڪ ڪروڙ ڀنگ…
سينيٽ ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج دوران اپوزيشن جي حڪومت تي تنقيد
اسلام آباد: سينيٽ ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج دوران اپوزيشن جي حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ 15ڏينهن اڳ پيٽرول مهانگو ٿيو ته عوام سستي ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، حڪومت ٻيهر عوام تي پيٽرول بم اُڇلي ڇڏيو، پيٽروليم اگهن ۾…
آدم شماري سوڌو سي سي آءِ جي تڪراري فيصلن کي پارليامينٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ وفاقي وزيرن جون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن، سنڌ حڪومت پنهنجي ڪمن سان ثابت ڪندي ته عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، ڪراچي ۾ سڄي رات برسات جاري رهي، شهر ۾ ڪٿي به پاڻي بيٺل نه آهي. وڏي وزير مراد علي…
عمران خان 3 سال عوام جو تيل ڪڍڻ ۾ لڳائي ڇڏيا:بلاول/شھباز/اسفمديار ولي
ڪراچي: اپوزيشن پاران تيل اگھن ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪيو ويو آھي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ ملڪ ۾ ڦرلٽ جاري آهي، عمران خان 3 سال عوام جو تيل ڪڍڻ ۾ لڳائي ڇڏيا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته عوام اڳ…
عدالت سياسي مامرن ۾ غيرمعمولي صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ نٿي گهري:اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ
اسلام آباد: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ عدالت سياسي مامرن ۾ غيرمعمولي صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ نٿي گهري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊيل نمائندن لاءِ 60 ڏينهن ۾ حلف لازمي قرار ڏيڻ خلاف نواز ليگ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي. ٻڌڻي دوران چيف…
آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان مخالف بل تي خاموش نه ويهنداسين: شاهه محمود قريشي
ڪراچي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي سينيٽرز جي طرفان افغانستان جي حوالي سان پيش ڪيل بل تي خاموش نه ويهنداسين. ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ لابيز ۽ اسان جا پاڙيسي هن…
سنڌو درياءَ مان رستو ڀلجي دادو ڪئنال ۾ داخل ٿيل ٻه ناياب نسل جون ڊولفنز ھٿ
سکر: وائلڊ لائيف کاتي جو دادو ڪئنال نئون ديرو وٽ ريسڪيو آپريشن، سنڌو درياءَ مان سکر بئراج وٽان رستو ڀلجي دادو ڪئنال ۾ داخل ٿيل ٻه ماده ناياب نسل جون ڊولفنز ھٿ ڪيون ويون. ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف سکر عدنان حامد جي ھدايتن تي ريسڪيو آپريشن…
ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري ته کين معاف ڪري ڇڏينداسين: عمران خان
ڪراچي:وزيراعظم عمران خان ڪالعدم ٽي ٽي پي لاءِ مشروط معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري تھ کين معاف ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم عمران خان ترڪ نشرياتي اداري ٽي آر ٽي ورلڊ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ٽي…