سينيٽ ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج دوران اپوزيشن جي حڪومت تي تنقيد

اسلام آباد: سينيٽ ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج دوران اپوزيشن جي حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ 15ڏينهن اڳ پيٽرول مهانگو ٿيو ته عوام سستي ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، حڪومت ٻيهر عوام تي پيٽرول بم اُڇلي ڇڏيو، پيٽروليم اگهن ۾ واڌ سان عوام جي چيلهه چِٻي ٿي وئي. پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته ناڻي کاتي جي وزير غريبن جي حالت ناهي ڏٺي، تڏهن پيٽرول کي سستو قرار ڏئي ٿو، حڪومت آءِ ايم ايف ڏانهن واجهائڻ بدران غريبن جي حالت کي ڏسي، اهو نه ٻڌايو ته عالمي سطح تي پيٽرول جا اگهه وڌيا آهن، حڪومتي پاليسيز سبب عوام جو پارليامينٽ تان به اعتماد کَڄي رهيو آهي. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ پهرين به واڌ ٿيندي رهي آهي، پر پي ٽي آءِ رڳو مني بجيٽ آڻي رهي آهي، الميو آهي جو غريب طبقو متاثر ٿئي پيو، پر حڪومت کي ڪابه پرواهه ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔