ڪراچي واسي جو لاش ڊرم ۾ وجهي افغانستان موڪليو ويو، سي سي پي او پشاور جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي: پلاسٽ جي ڊم ۾ لاش پاڪستان کان افغانستان موڪلڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. سي سي پي او پشاور عباس احسن جو چوڻ آهي ته لاش ڪراچي جي علائقي سچل کان لاپتا ٿيندڙ عمر فاروق جي آهي، مقتول کي اغوا ڪري سندس دوست طرفان هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو ويو هو. سي سي پي او عباس احسن ٻڌايو ته عمر فاروق کي ان جي ئي دوست قتل ڪري لاش ٽرڪ ذريعي ڪابل روانو ڪيو. هن چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ ذريعي لاش افغانستان موڪليندڙ جو به پتو لڳايو آهي، سلطان خان نالي شخص پهرين سيپٽمبر تي ڪابل ۾ جمعه خان کي ڪنٽينر بل ڪرايو هو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پوليس سان رابطي ۾ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔